دادو شاهه

دادو شاهه: دادو شاهه جي نالي سان ٽي بزرگ ٿي گذريا آهن. پهريون دادو شاهه، لڪياري سيدن مان هو، جنهن جي نالي سان دادو شهر ٻَڌايل آهي، ان جي تربت نورجن جي ڀرسان ريل واري قبرستان ۾ آهي، اهو قبرستان ڳوٺ نبن شاهه واري دٻيءَ لڳ آهي. هي سيد، ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. ٻيو دادو شاهه، جنهن جي مزار شهر دادوءَ ۾ ’تڪيه اسٽريٽ‘ جي خاتمي وٽ موجود هئي، ان سان گڏ ٻه ٻيون قبرون به هيون. فقير محمد صالح جي، جيڪو ميونسپل ۾ جمعدار هو ۽ امير پير جي، جيڪو راجل وير جو مريد سڏائيندو هو، پر دادو شاهه جي قبر جي مجاوري به ڪندو هو، جيڪي سندس گهر جي ڀرسان بند ڪوٺيءَ ۾ هيون. جتي هاڻي چانڊين جا گهر آهن، اها ڪوٺي گهرن اندر دٻجي وئي آهي. ٽيون دادن شاهه مٺائيءَ وارو هو، جنهن جو وصال 80 واري ڏهاڪي ۾ ٿيو. سيد جان علي شاهه ۽ سيد فدا حسين شاهه سندس فرزند آهن. دادو شاهه جي تڪئي واري هنڌ سان لڳ سيد غلام شاهه ۽ سندس ڀاءُ دوسن شاهه رهندا هئا. غلام شاهه کي ٻه پٽ سيد قاسم شاهه ۽ سيد بچل شاهه ٿيا. اتي سيدن جون حويليون هونديون هيون. پهريون دادو شاهه (جنهن جي نالي سان دادو شهر سڃاتو وڃي ٿو) ڪلهوڙن جي دور جو چيو وڃي ٿو. هو نورجن جي آسپاس جو رهاڪو هو ۽ڪلهوڙن جو خاص ماڻهو هو. ڪلهوڙن پاران کيس ڪچي جي ديهه چوئيءَ ۾ 300 ايڪڙ زمين به مليل هئي، جيڪا پوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد به جڙيل شاهه وٽ هئي. هن ’جڙيل شاهه ٽرسٽ‘ به قائم ڪيو. دادو- مورو روڊ جي ڏکڻ ۾ ڳوٺ ٻُڍي لُنڊ جي اوڀرندي پاسي سيد دادو شاهه جا ڀاڻ هوندا هئا. ماستر شجاع سانوڻائيءَ جي لکت موجب هن اُتان جي ڏاهري ذات وارن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ڪو نه ٿيو ۽ بعد ۾ ٻي شادي ڪيائين. سندس ڳوٺ کي درياهه پائي ويو، جنهن بعد اتان لڏي ڪوراين ۽ مستوين جي ڀر ۾ دادو شاهه نالي ٻيو ڳوٺ ٻَڌي رهڻ لڳو. ٿوري عرصي بعد ان ڳوٺ به ننڍي شهر جي صورت اختيار ڪري ورتي، پر سندس وفات بعد اهو ڳوٺ به درياهه پائي ويو. دادو شاهه جي پيڙهيءَ مان جيئندل شاهه موجوده دادو شهر واري هنڌ اچي رهيو ۽ ڳوٺاڻن کي 40- 50 ايڪڙ زمين ڏئي، اتي آباد ڪري وڏي ڏاڏي دادو شاهه جي نالي سان شهر کي آباد ڪيو. ماستر محمد شجاع سانوڻائيءَ جي قلمي نسخي موجب دادو شاهه جو پويون شجرو هن ريت آهي: دادو شاهه کي پٽ عبدالرحيم شاهه، عبدالرحيم شاهه کي ٻه پٽ سيد فضل علي شاهه ۽ سيد حاجي شاهه، انهن مان سيد فضل علي شاهه کـي هڪ پٽ سيد سکيل شاهه، جنهن کي هڪ پٽ سيد نظام علي شاهه ٿـيـا ۽ نـظـام عـلـي شـاهه کـي ٻـه پـٽ نـور مـحمـد شـاهه ۽ الـف شـاهه ٿـيـا. عبدالرحيم شاهه جي ٻئي پٽ سيد حاجي شاهه کي ٻه پٽ سيد مولابخش شاهه ۽ سيد جيئندل شاهه ٿيا، جن مان مولابخش کي هڪ پٽ سيد مصري شاهه ٿيو. مصري شاهه، دادو شهر جي گهڻي مالڪي ڪئي ۽ راڄن تي هٿ رکيو. وڏي ڏيا وارو مڙس هو. سندس نياڻي جڙيل شاهه کي ڏنل هئي، جنهن کي دادوءَ جي خاتون اول جو لقب مليو، جو جڙيل شاهه دادو ميونسپل ڪميٽيءَ جو پهريون چونڊيل صدر چيو وڃي ٿو. جيئندل شاهه کي هڪ پٽ جڙيل شاهه ٿيو، جنهن کي هڪ پٽ جيئندل شاهه ٿيو ۽ وري ان کي هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو جڙيل شاهه رکيو ويو. نورجن واري قبرستان ۾ دادو شاهه جي مزار تي قبو اڏيل هو، جنهن ۾ سندس چاچي نور محمد شاهه جي مزار پڻ هئي، هاڻ اهو مقبرو ڊهي چڪو آهي. ٻنهي مزارن تي ڪاشيءَ جا ڪتبا لڳل آهن، جن تي دادو شاهه ۽ نور محمد شاهه جا نالا اڪريل هئا. واڌن شاهه ۽ جيوڻ شاهه سندس پيڙهيءَ (يعني ٻئي دادو شاهه) مان هئا.



لفظ دادو شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو